بلوچ ڪلچر ڊي سڄي ملڪ ۾ روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

ڪراچي: بلوچستان سميت سڄي ملڪ ۾ بلوچ ڪلچر ڊي روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي،بلوچ ڪلچر ڊي منفرد روايتن ۽ خوبصورت ثقافت جي سڃاڻ آهي، هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد بلوچ ثقافتي روايتن، تهذيب ۽ تمدن ، منفرد طرز زندگي ۽ معاشرت ۽ تاريخي ورثي کي بهتر طريقي سان سمجهڻ ۽ ان کي سدائين جيئرو رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ آهي .

ان موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعليٰ بلوچستان ڄام ڪمال چيو ته بلوچستان مختلف قومن ،قبيلن۽ رنگ ۽ نسل سان تعلق رکندڙماڻهن جو گلدستو آهي ، بلوچستان جي ثقافت امن جي ثقافت آهي .

پنجاب جي وڏي وزيرعثمان بزدار بلوچ ڪلچر ڊي تي بلوچ  ڀائرن کي مبارڪ ڏني آهي ، بزدار جي هدايت تي پنجاب ۾ به بلوچ ڪلچر ڊي ڀرپور طريقي سان ملهايو پيو وڃي . سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ به ان حوالي سان پروگرامز ڪرايا پيا وڃن ، بلوچ ڪلچر ڊي ملهائڻ جو مقصد محبت، ڀائيچاري ۽ يگانگت کي عام ڪرڻ آهي ، پنهنجي ثقافت کي ياد رکڻ واريون قومون ئي ترقي ڪنديون آهن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔