اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جو ملتوي ٿيل ميچ اڄ کيڏيو ويندو

ڪراچي: پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) سيزن 6 ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جو ڪالهه ملتوي ٿيندڙ ميچ اڄ کيڏيو ويندو.

اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ليگ اسپنر فواد احمد جو ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آيو هو جنهن کان پوءِ ڪالهه کيڏيو ويندڙ ميچ کي وقت کان اڳ ملتوي ڪيو ويو هو. ان حوالي سان اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ترجمان چيو هو ته ڪورونا وائرس جون نشانيون ظاهر ٿيڻ تي ٻه ڏينهن اڳ فواد احمد کي آئسوليٽ ڪيو ويو هو.

اسلام آباد يونائيٽيڊ جي باقي سموري اسڪواڊ ۽ گليڊي ايٽرز جي اسڪواڊ جو ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري آيو هو. ترجمان چيو ته فواد احمد جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون. ٽيم جي ٻين رانديگرن ۽ اسٽاف جو ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري آيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔