ڪراچي ايئرپورٽ تي ڀارتي جهاز جي هنگامي لينڊنگ

ڪراچي: ڀارتي جهاز کي مسافر جي اوچتو طبيعت خراب ٿيڻ ڪري جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ ڪرڻي پئي.

ڀارتي خانگي هوائي ڪمپني انڊيگو جي اڏام 6 اي 1412 شارجه کان لکنو وڃي رهي هئي ته ان دوران هڪ مسافر جي طبيعت خراب ٿي پئي، مسافر جي حالت کي ڏسندي جهاز جي ڪپتان ڪراچي ايئرٽريفڪ ڪنٽرول سان رابطو ڪيو ۽ هتان جي انتظاميا انساني همدردي جي بنياد تي جهاز کي لهڻ جي اجازت ڏني.

ڪراچي ايئر پورٽ عملدارن جو چوڻ هو ته حبيب الرحمان نالي جنهن ڀارتي مسافر لاءِ جهاز هنگامي لينڊنگ ڪئي اهو جهاز ۾ ئي خالق حقيقي سان وڃي مليو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔