آءِ بي اي ٽيسٽ پاس هيڊ ماسٽرز جو ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو

ڪراچي: ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي آءِ بي اي ٽيسٽ پاس هيڊ ماسٽرز ڪراچي پريس ڪلب تي ڌرڻو هنيو .

احتجاج ڪندڙ استادن نوڪرين پڪين ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جواعلان ڪيو آهي .

گذريل ڏينهن سڄي صوبي جا آءِ بي اي ٽيسٽ پاس هيڊ ماسٽر وڏي انگ ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي آڏو جمع ٿيا ۽ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا .

ان موقعي تي استادن جو چوڻ ه وته اسان کي نوڪرين مان جبري طور تي  برطرف ڪيو ويو آهي ، نوڪريون پڪيون ڪرڻ لاءِ ٻيهر امتحان جي شرط لاڳو ڪئي وئي آهي .

استادن جو چوڻ هو ته اسان 4 سال تسلي بخش ڪارڪردگي ڏيکاري  پر تعليم کاتي سنڌ 937 آءِ بي اي ٽيسٽ پاس استادن کي مستقل نه ڪيو .

ان کان اڳ ۾ 2019 ۾ احتجاج ڪيو ، جنهن تي سنڌ حڪومت مطالبا منظور ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ۽ هڪ ڪاميٽِي جوڙي ، پر ان جي باوجود مسئلو حل نه ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔