پي ٽي آءِ اُميدوار سيف الله ابڙو کي سينيٽ چونڊون وڙهڻ جي اجازت

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ اُميدوار سيف الله ابڙو کي سينيٽ چونڊون وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکندي سيف الله ابڙو جي نااهلي واري درخواست رد ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته سينيٽ چونڊن کانپوءِ به نامزدگي ڪاغذن کي چئلينج ڪري سگهجي ٿو، درخواستگذار وٽ چونڊن کانپوءِ پٽيشن داخل ڪرڻ جو آپشن موجود آهي، پي ٽي آءِ سينيٽ چونڊن لاءِ سنڌ ۾ سيف الله ابڙو کي اُميدوار نامزد ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔