اڳوڻي فرانسيسي صدر نڪولس سرڪوزي کي 3 سال سزا

پيرس: فرانس جي اڳوڻي صدر نڪولس سرڪوزي کي ڪرپشن جو وڏهه ثابت ٿيڻ تي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
پرڏيهي خابرو ادارن موجب فرانسيسي عدالت طرفان نڪولس سرڪوزي کي ٻڌايل سزا ۾ ٻن سالن جي سزا معطل ڪئي وئي آهي.
ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ جج فيصلو ٻڌائيندي چيو ته اهڙن ڏوهن سان عوامي اعتماد کي ڌڪ رسيو آهي.
فرانس جي 2007ع کان 2012ع تائين صدر رهندڙ نڪولس سرڪوزي تي جج گلبرٽ ازيبرٽ کي پنهنجي سياسي پارٽي ريپبليڪينز جي حوالي سان ٿيل جاچ جي ڳجهي فراهمي جي بدلي موناڪو ۾ اعلي عهدي جي آڇ ڪري رشوت ڏيڻ جي ڪوشش جو الزام هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔