پرائيويسي جي ڀڃڪڙي تي فيس بڪ مٿان ڇهه سئو پنجاهه ملين ڊالر ڏنڊ

واشنگٽن: آمريڪي رياست الينوائي ۾ پرائيويسي جي ڀڃڪڙي تي فيس بڪ 659 ملين ڊالر جو هرجاڻو ادا ڪندو.شڪاگو جي اٽارني 2015 ۾ فيس بڪ تي ڪيس هلايو جنهن ۾ الزام لڳايو ويو هو ته فيس بڪ 2008 جي الينوائي پرائيوسي جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي.فيس بڪ تي لڳايل الزام موجب اداري پرائيويسي پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪندي چهرن جي سڃاڻپ جي لاءِ بائيو ميٽرڪ ڊيٽا غيرقانوني طور تي جمع ڪيو هو. ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت فيس بڪ کي 650 ملين ڊالرز ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔