اداڪارا ڪنگنا رناوت جا گرفتاري وارنٽ جاري

ممبئي : ڀارتي عدالتي هرجاڻي ڪيس ۾ اداڪارا ڪنگنا رناوت جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
ممبئي جي عدالت ۾ اداڪارا ڪنگنا رناوت خلاف ناليواري شاعر ۽ نغمي نگار جاويد اختر جي هرجاڻي بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
عدالت عدم پيشي تي ڪنگنا رناوت جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کيس 22 مارچ تي ٻيهر طلب ڪري ورتو.
عدالت گذريل مهيني فيبروري ۾ ڪنگنا رناوت کي پهرين مارچ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو.
واضح رهي ته شاعر جاويد اختر اداڪارا ڪنگنا رناوت خلاف هرجاڻي جو ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته هن هڪ ٽي وي انٽرويو دوران مٿس بي بنياد الزام هنيا ۽ توهين جوڳا تبصرا ڪيا.
جاويد اختر موجب ڪنگنا اداڪار سشانت سنگهه جي موت کانپوءِ سندس نالو بالي ووڊ ۾ هڪ ڊرگز گروپ ۾ گِهليو هو، اداڪارا جي الزامن سان سندس ساک متاثر ٿي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔