دل جي سچن ماڻهن سان دوستي منهنجي ڪمزوري آهي:اداڪاره ريشم

لاهور: اداڪاره ريشم چيو آهي ته زندگي تمام گهڻي مختصر آهي ان ڪري ان کي مسئلن ۾ نه وجهڻ گهرجي، دل جي سچن ماڻهن کي دوست بڻائڻ منهنجي ڪمزوري آهي ۽ اهي ماڻهو منهنجي زندگي جو اثاثو آهن.
هڪ انٽرويو ۾ ريشم چيو ته جن ماڻهن پنهنجي زندگي کي الجهن حوالي ڪيو انهن کان بيزاري ٿيندي آهي، اسان کي پنهنجي زندگي شفاف نموني بغير مسئلن جي گزارڻ گهرجي ان مان مزو اچي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته پاڻ کي رڳو پنهنجي ذات تائين نه سوچڻ گهرجي، پاڻ سان جڙيل ماڻهن جو به خيال ڪرڻ گهرجي، ائين به نه ڪرڻ گهرجي ته ٻين جي زندگي ۾ مداخلت ڪجي ان سان دوستي ناراضگي ۾ بدلجي ويندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔