فواد احمد ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ کانپوءِ اسلام آباد ۽ ڪوئيٽا جي ميچ ملتوي

ڪراچي: اسلام آباد يونائيٽيڊ جي آسٽريلوي رانديگر فواد احمد جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کانپوءِ پي ايس ايل جي 12هين ميچ هڪ ڏينهن لاءِ ملتوي ڪئي وئي آهي.
فواد احمد ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ کانپوءِ اڳ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي ميچ ڪجهه وقت لاءِ ملتوي ڪئي وئي،.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته اها ميچ هاڻ شام 7 وڳي کيڏي ويندي، جن شوقينن اڄوڪي ميچ لاءِ ٽڪيٽون خريد ڪيون هيون، اهي ساڳين ٽڪيٽن تي ميچ ڏسي سگهندا.
پي سي بي موجب فواد احمد جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کانپوءِ ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن جون ٽيسٽون ڪيون ويون، جيڪا سڀ ناڪاري آيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔