ماڌوري ڊڪشٽ ويب سيريز جي دنيا ۾ قدم رکڻ لاءِ تيار

ممبئي: بالي ووڊ جي اداڪاره مادهوري ڊڪشٽ نيٽ فلڪس جي ويب سيريز سان گڏ ڊيبو ڪندي.رپورٽ موجب ماڌوري مشهور پروڊيوسرڪرن جوهر جي تيار ڪيل هڪ ويب سيريز ۾ ڪم ڪندي. ويب سيريز ۾ هو هڪ سپر اسٽار جو ڪردار ادا ڪندي. جيڪا پراسرار طور تي گم ٿي ويندي آهي. 25 سالن کان پوءِ اداڪار سنجي ڪپور سان گڏ هي ان جو پهريون پروجيڪٽ هوندو ٻنهي کي آخري ڀيرو فلم راجه(1995) ۾ ڏٺو ويو هو.هن ويب سيريز جي شوٽنگ گذريل سال مارچ ۾ ڪرڻي هئي. پر ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ سبب ان کي روڪيو ويو هو جنهن کي آڪٽوبر ۾ ٻيهر شروع ڪيو ويو ۽ اها هاڻ هلندڙ سال مارچ ۾ مڪمل ٿي ويندي. ياد رهي ته ماڌوري جي آخري فلم ڪلنڪ 2019 ۾ رليز ٿي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔