ميانمار ۾ فوجي بغاوت خلاف احتجاج ڪندڙن جون گرفتاريون جاري، ٻه شهري مارجي ويا

ينگون: ميانمار ۾ فوجي بغاوت جي خلاف احتجاج ڪندڙن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جو سلسلو جاري آهي.ينگون شهر ۾ پوليس ڇاپن جي دوران فائرنگ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا. گڏيل قومن ۾ مقرر ميانمار جي سفير کي فوج جي خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪرڻ تي فوجي حڪومت کيس عهدي تان هٽائي ڇڏيو. ميانمار ۾ آمريت جي خلاف شهرين جو احتجاج جاري آهي سڀني کان وڏي شهر ينگون ۽ ڏاکڻي شهر داوي ۾ سرڪاري فورسز ڪريڪ ڊائون جي دوران فائرنگ شروع ڪري ڏني.ڳوڙها آڻيندڙ گيس ۽ فائرنگ سبب 30 کان وڌيڪ شهري زخمي به ٿيا. سخت زخمين کي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت اسپتال پهچايو. گڏيل قومن ۾ مقرر ميانمار جي سفير جنرل اسيمبلي کان فوج جي خلاف ايڪشن وٺڻ جو مطالبو ڪيو ته جيئن ملڪ ۾ جمهوريت بحال ٿي سگهي. سفير پاران فوج جي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪرڻ تي فوجي حڪومت کيس عهدي تان هٽائي ڇڏيو.گذريل ڏينهن به سڄي ملڪ ۾ فورسز مظاهرين جي خلاف طاقت جو استعمال ڪيو. پوليس مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي لاءِ هوائي فائرنگ ڪئي ۽ لاٺي چارج به ڪيو، جڏهن ته ڪيترن ئي شهرين کي گرفتار به ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔