ماهره خان هر سال عورت مارچ ۾ وڃڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي: اداڪاره ماهره خان هر سال عورت مارچ ۾ وڃڻ جو سبب ٻڌايو ته ماڻهو سندس اثر قبوليبن ٿا.
ماهره خان هڪ آن لائن شو ۾ شريڪ ٿي جتي کانئس سوال ٿيو ته توهان جو هر سال عورت مارچ ۾ وڃڻ ڇو ٿيندو آهي، ان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجو عورت مارچ ۾ وڃڻ ان ڪري ضروري آهي ڇو ته مونکي لڳي ٿو منهنجي آواز ۽ منهنجي ڳالهين ۾ ڪافي وزن آهي ۽ ان جو اثر گهڻن تي ٿئي ٿو.
ماهره چيو ڪافي ماڻهو منهنجو آواز ٻڌن ٿا، مونکي پسند ڪن ٿا تنهن ڪري جڏهن آئون عورت مارچ ۾ ويندي آهيان ته ماڻهو مونکان متاثر ٿيندا آهن ۽ سوچيندا آهن ته ماهره خان اسان کي پسند آهي ۽ عورت مارچ کي سپورٽ ڪري ٿي تنهن ڪري منهنجي اوڏانهن وڃڻ جو مقصد هوندو آهي ته آئون ماڻهن کي ٻڌايان ته عورت مارچ ۽ منهنجو جسم منهنجي مرضي جي نعري جو مطلب ڇا آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔