راکي سانوت سلمان خان کي پنهنجو ڀاءُ بڻائي ڇڏيو

ممبئي: بالي ووڊ اداڪاره ۽ ماڊل راکي سانوت سلمان خان کي پنهنجو ڀاءُ بڻائيندي سندس لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو.
ياد رهي ته راکي سانوت بگ باس سيزن 14 جي فنالي ۾ شامل هئي ۽ پيسا وٺي فائنل جي مقابلي کان ٻاهر ٿي وئي.
راکي سانونت انسٽاگرام تي بگ باس جي اسٽيج تي سلمان خان سان گڏ ورتل تصوير پوسٽ ڪئي آهي ۽ هن کي پنهنجو ڀاءُ ۽ بادشاهن جو بادشاهه قرار ڏيندي کيس دعا ڪئي آهي ته خدا هن کي سموريون خوشيون عطا ڪري ۽ سموريون مرادون پوريون ٿين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔