سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جي خطاب دوران گوڙ، نعريبازي

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جي خطاب دوران گوڙ، حڪومت ۽ اپوزيشن ميمبرز طرفان هڪٻئي خلاف نعريبازي، حليم عادل شيخ حڪومتي ميمبرز کي سياسي دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو، صوبائي وزير مُڪيش ڪمار چاولا چيو ته اپوزيشن ليڊر ماسڪ پائي، نه ته اهڙا گندا جراثيم ٻئي هنڌ به ڦهلجي ويندا، حليم عادل شيخ چيو ته اپوزيشن ليڊر جي ذميواري ملندي ئي سنڌ حڪومت کيس دهشتگرد بڻائي ڇڏيو، عوام جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ تي دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا، منهنجي مٿان مني لانڊرنگ، دوائن جي چوري ۽ اشتهارن جي پئسن ۾ گهوٻين جا الزام نه آهن، حڪومت ۽ اپوزيشن ميمبرز جو گوڙ ختم نه ٿيڻ تي اسپيڪر اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔