وزيران ڇڇر قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، حتمي چالان عدالت ۾ پيش

ڪوٽڙي: وزيران ڇڇر قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ڪيس جي جاچ ڪندڙ سجاول پوليس پاران وزيران ڇڇر ڪيس جو فائينل چالان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايل ٽن جوابدارن کان علاوه جاچ ۾ شامل ڪيل وڌيڪ پنج ڄڻن کي به حتمي چالان ۾ جوابدار طور نامزد ڪيو ويو، سجاول پوليس پاران سول جج سيوھڻ جي عدالت ۾ ڪيس جو فائنل چالان پيش ڪيو ويو، قتل ڪيس جي ايف آء آر ۾ نامزد ٽن جوابدارن علي بخش ڪريم بخش ۽ غلام قادرڇڇر کان علاوه وڌيڪ پنج ڄڻا ايف آء آر ۾ شامل ڪيا ويا، جاچ دوران ڏوھ ثابت ٿيڻ 5 جوابدارن عبدالحڪيم ولد سرھو خان، ادريس ولد الياس ڇڇر، مسمات رشيده، منٺار ۽ منظور ڇڇر کي فائنل چالان ۾ جوابدار طور شامل ڪيو ويو، پوليس پاران پيش ڪيل چالان موجب سمورن جوابدارن خلاف ڪيل ظاھري توڙي مخفي جاچ مان سندن مٿان ڏوھ جي ثابتي ٿي چڪي آھي. ڪيس ۾ 3 جوابدار اڳواٽ ئي جيل ۾ آهن جڏهن ته 5 جوابدار ضمانت تي آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔