ساڍن چئن سالن ۾ نوادرات چوري ٿيڻ جو ڪوبه واقعو پيش ناهي آيو: سردار شاهه

ڪراچي: سنڌ ۾ تاريخي ماڳن تي کوٽائي دوران دريافت ٿيل نوادرات غيرمحفوظ هجڻ تي ڳڻتي جو اظهار، ثقافت کاتي جي وزير آڳاٽن آثارن ۽ نوادرات جي حفاطت نه ٿيڻ جو جواز عملي جي کوٽ ڄاڻائي ڇڏيو، ايم پي اي سيد عمران علي شاهه چيو ته ڀنڀور ۾ کوٽائي دوران دريافت ٿيل تاريخي نوادرات جو ڪوبه تحفظ نٿو ڪيو وڃي، ايم پي اي سدرا عمران چيو ته تازو آڳاٽن ماڳن تي کوٽائي دوران هٿ آيل نوادرات چوري ٿيڻ جا واقعا پيش آيا آهن، ثقافت کاتي اُنهن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن؟ صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته ثقافت کاتي ۾ تاريخي نوادرات جي تحفظ لاءِ عملو گهٽ آهي، اُن لاءِ نيون ڀرتيون ڪرڻ جي ضرورت آهي، پوليس اهلڪارن کي نوادرات جي تحفظ لاءِ مقرر نٿو ڪري سگهجي، ساڍن چئن سالن ۾ کوٽائي دوران هٿ آيل نوادرات چوري ٿيڻ جو ڪوبه واقعو پيش نه آيو، نوادرات ميوزيم ۾ رکيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔