آءِ جي سنڌ جي باري ۾ گورنر جي بيان جي ڪابه اهميت ناهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي: آءِ جي سنڌ جي باري ۾ گورنر عمران اسماعيل جي بيان جي ڪابه اهميت نه آهي، گورنر ميڊيا تي اچڻ لاءِ اهڙي قسم جا بيان ڏيندو آهي، سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب گورنر ۽ پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته حليم عادل شيخ ملير ۾ چونڊن دوران هٿياربند وٺي ويو ۽ فائرنگ ڪئي، ملير پوليس ڪنهن جي به لاڏلي کي نه ڏٺو ۽ غيرقانوني قدمن خلاف پنهنجو ڪم ڪيو، جيڪي اڳواڻ اين آءِ سي وي ڊي خلاف سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪندا هئا، اُهي ئي اين آءِ سي وي ڊي ۾ پنهنجي علاج لاءِ درخواست ڏئي رهيا آهن، اختلافن باوجود حليم عادل شيخ کي علاج لاءِ جيل مان اين آءِ سي وي ڊي منتقل ڪيو ويو، سنڌ حڪومت جي ترجمان حليم عادل شيخ کي قتل ڪرڻ بابت سازش جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔