سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل پاران آءِ جي سنڌ مشتاق مهر هٽائڻ جو مطالبو

ڪراچي: سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل آءِ جي سنڌ مشتاق مهر کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته ڪراچي ۾ جيڪي معاملا ٿي رهيا آهن، اُن سان متحده لنڊن جي سربراهه جو دور ياد اچي رهيو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي گورنر چيو آهي ته سنڌ پوليس به متحده لنڊن جي غندن جهڙو رويو رکيو آهي، آءِ جي سنڌ ناڪام ٿي ويو ۽ سياسي ڌُر بڻجي ويو آهي، هن چيو آهي ته وفاقي سرڪار سنڌ پوليس جي مامرن جو غور سان جائزو وٺي رهي آهي، پوليس کي اُن حوالي سان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، آءِ جي سنڌ وٽ آخري موقعو آهي ته پوليس جي مامرن کي سڌو ڪري. هن وڌيڪ چيو آهي ته صوبي ۽ هن شهر ۾ جنگل جو قانون هلي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان سان اڄ صبح ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، هاڻي پاڻي مٿي کان چڙهي ويو، مان وزيراعظم کي خط به لکي آءِ جي سنڌ جي تبديلي جو مطالبو ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔