ڪراچي سينٽرل جيل جي سپرنٽينڊنٽ پاران حليم عادل شيخ مٿان حملي جي ترديد

ڪراچي: ڪراچي سينٽرل جيل جي سپرنٽينڊنٽ طرفان حليم عادل شيخ مٿان حملي جي ترديد، حليم عادل طرفان اين آءِ سي وي ڊي مان علاج ڪرائڻ لاءِ لکت ۾ داخل ڪرايل درخواست به منظرعام تي اچي وئي، جيل سپرنٽينڊنٽ جو چوڻ آهي ته حليم کي سندس درخواست تي علاج لاءِ اين آءِ سي وي ڊي منتقل ڪيو ويو، هُن دل ۾ تڪليف جي شڪايت ڪئي ۽ چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڊاڪٽرز کيس اينجيو گرافي ڪرائڻ جو مشورو ڏنو هو، حليم عادل شيخ کي گذريل رات سينٽرل جيل مان اين آءِ سي وي ڊي منتقل ڪيو ويو هو، اين آءِ سي وي ڊي اسپتال جي ترجمان جو چوڻ آهي ته حليم عادل شيخ کي جسم ۾ سور آهي، ڊاڪٽرز جي مشوري تي اڄ کيس جناح اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي، حليم عادل جي ڌيءُ ۽ پُٽ طرفان سنڌ حڪومت مٿان سندن والد کي قتل ڪرڻ جي سازش جو الزام، حليم عادل جي ٻارن وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته جيل اندرپ پ جي ماڻهن سندن والد تي حملو ڪيو، پوليس کيس بچايو، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد طرفان جيل ۾ حليم عادل سان مبينا ناروا سلوڪ جو نوٽيس، چيف سيڪريٽري سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته حليم عادل سنڌ اسيمبلي جو معزز ميمبر آهي، جيل ۾ کيس گهربل سهولتون ڏنيون وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔