ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ سبب سمنڊ 83 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين ڳڙڪائي ويو

حيدرآباد: سنڌو درياهه ۾ پاڻي جا وهڪرا گهٽجڻ جي ڪري سمنڊ ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ 83 هزار 807 ايڪڙ سروي ايراضي ڳڙڪائي ويو، لکين ايڪڙ اڻ سروي ايراضي به سمنڊ برد ٿي وئي، سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري وڌيڪ سروي ۽ اڻ سروي زمين به سمنڊ حوالي ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. رپورٽ مطابق سنڌو درياهه مان سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيندڙ مٺي پاڻي جا وهڪرا خطرناڪ حد تائين گهٽجڻ جي ڪري سمنڊ ڪوٽڙي بئراج ريجن جي زمين تيزي سان ڳڙڪائي رهيو آهي. هڪ سروي ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ڪوٽڙي بئراج ريجن جي ٻن سرڪلن جي 83 هزار 807 ايڪڙ 58 گهنٽا سروي ايراضي ڳڙڪائي ويو آهي جنهن سبب هزارين ماڻهو بي زمين ٿي ويا آهن ۽ علائقي ۾ بک ۽ بدحالي جو راڄ آهي. آبپاشي کاتي جي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب آپباشي کاتي هڪ رپورٽ تيار ڪرائي آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پڃاري سرڪل جي لوئر پڃاري ڊويزن ايٽ سجاول جي ٽن سب ڊويزنن جي مختلف شاخن تي آباد ٿيندڙ 44 هزار 510 ايڪڙ ايراضي سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي. راڄ واهه ڊسٽري جي 477 ايڪڙ، پور واهه جي 2 هزار 213 ايڪڙ 32 گهنٽا، راجن شاهه ڊسٽري جي 2 هزار 221 ايڪڙ 21 گهنٽا، کارو ڇاڻ جي 9 هزار 514 ايڪڙ، شير خانه شاخ جي هڪ هزار 228 ايڪڙ 22گهنٽا، جاتي ڊسٽري جي هڪ هزار 203 ايڪڙ 73 گهنٽا ۽ ٽنگو مائينر جي 2 هزار 432 ايڪڙ هڪ گهنٽو سروي ايراضي سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي. ساڪرو ڊويزن ۾ بگهاڙ سرڪل جي سڀ کان وڌيڪ آباد زمين 39 هزار 298 ايڪڙ زمين سمنڊ حوالي ٿي آهي جنهن ۾ ڄام برانچ جي 1700 ايڪڙ ايراضي مان 1149 ايڪڙ، گنڪي مائينر جي 1269 ايڪڙ ايراضي مان 534 ايڪڙ، کيراڻي ڊسٽري جي 2 هزار 738 ايڪڙ مان 1947 ايڪڙ، کاريسر ڊسٽري جي 3 هزار 99 ايڪڙ مان 719 ايڪڙ، کاٿو مائينر جي 4 هزار 605 ايڪڙ 4 هزار 110 ايڪڙ، گهارو مائينر جي 11 هزار 846 ايڪڙ مان 2 هزار 310 ايڪڙ، پالڪي ڊسٽري جي 4 هزار 650 ايڪڙ مان 2 هزار 394 ايڪڙ، مليرڙي ڊسٽري جي 11 هزار 846 ايڪڙ مان 2 هزار 110 ايڪڙ، انڊو ڊسٽري جي 31 هزار 382 ايڪڙ مان 2 هزار 69 ايڪڙ، گهوڙاٻاڙي ڊسٽري جي 9 هزار 53 ايڪڙ مان 2 هزار 46 ايڪڙ ايراضي، درسي مائينر جي 8 هزار 993 ايڪڙ مان 2 هزار 135، جوهو مائينر جي 4 هزار 32 ايڪڙ مان 820، خاناڻي ڊسٽري جي 21 هزار 931 ايڪڙ مان 5 هزار 505، پير پٿائي ڊسٽري جي 5 هزار 683 ايڪڙ مان 2 هزار 569، ٻهارا ڊسٽري جي 5 هزار 570 ايڪڙ مان 691، ڊونڍي مائينر جي 5 هزار 44 مان 2 هزار 852 ايڪڙ، مسعودي مائينر جي 6 هزار 629 مان 1137 ايڪڙ ۽ گهاڙ ٻهارڪي ڊسٽري جي 10 هزار 388 ايڪڙ ايراضي مان 550 ايڪڙ ايراضي سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي. ڪوٽڙي بئراج ريجن جي چيف انجنيئر پاران ڪرايل سروي ۾ انهن ڊسٽريز جا واٽر ڪورس ۽ انهن تي آباد ٿيندڙ زمين جا جدا جدا انگ اکر ڄاڻايا ويا آهن. مجموعي طور تي ڪوٽڙي بئراج جي انهن ٻنهي سرڪلن ۾ 27 ڊسٽريز تي آباد ٿيندڙ سروي زمين جا انگ اکر گڏ ڪيا ويا آهن جنهن ۾ واٽر ڪورسن جو مجموعي انگ 4001 ڄاڻايو ويو آهي جنهن تي هڪ لک 74 هزار 344 ايڪڙ سروي زمين آباد ٿيندي هئي جيڪا هاڻي گهٽجي هڪ لک 27 هزار 658 ايڪڙ رهجي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته لکين ايڪڙ اڻ سروي ٿيل ايراضي به سمنڊ پائي ويو آهي جنهن ۾ ماڻهن جا ڳوٺ، قبرستان، چراگاهون، ٻيلا ۽ ٻي زمين شامل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔