اين اي 75 تي تاريخ جي بدترين ڌانڌلي ٿي آهي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد: سويلين گاڏي ۾ سوار ماڻهو رات جي اونداهيءَ ۾ اين اي 75 جي 20 پولنگ اسٽيشنز جي پرزائيڊنگ آفيسرز کي کنڀي ويا، شاهديون مليون آهن ته پرزائيڊنگ آفيسرز کي کڻي ويندڙ زميني مخلوق جا ماڻهو نه هئا، سازش تحت 20 پولنگ اسٽيشنز جي نتيجن ۾ دير ڪئي وئي، اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اين اي 75 تي تاريخ جي بدترين ڌانڌلي ٿي آهي، رات جو لاپتا ٿيل پرزائيڊنگ آفيسرز پوليس صبح جو 6 وڳي پوليس جي تحويل ۾ آر او وٽ پيش ٿيا، پرزائيڊنگ آفيسرز دير ٿيڻ تي عجيب قسم جا بهانا ڪيا ۽ 20 پولنگ اسٽيشنز جا نتيجا آر او اڳيان پيش ڪري ڇڏيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔