ميانمار ۾ فوجي بغاوت خلاف مظاهرو ڪندڙن تي فورسز جو ڪريڪ ڊائون، ٻه ڄڻا مارجي ويا

ميانمار: ميانمار ۾ فوجي بغاوت جي خلاف احتجاج تي سيڪيورٽي فورسز ڪريڪ ڊائون ڪري ڇڏيو.شيلنگ ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ پوليس مظاهرين تي شيلنگ ۽ گوليون وسايون جڏهن ته ڪريڪ ڊائون دوران پوليس طرفان ڪيترن ئي مظاهرين کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته ميانمار ۾ فوج اقتدار تي قبضو ڪري ڊي فيڪنو اڳواڻ آنگ سان سوچي سميت ڪيترن ئي اڳواڻن کي گرفتار ڪري رکيو آهي. پر سڄي ملڪ ۾ استاد ۽ شاگردن سميت مختلف زندگي جي شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو فوجي بغاوت جي خلاف ڀرپور احتجاج ڪري رهيا آهن.ٻئي طرف جمهوريت جي بحالي جي لاءِ مظاهرو ڪندڙن تي سيڪيورٽي فورسز طرفان به ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔