سينيٽ چونڊن ۾ منهنجو ۽ يوسف رضا گيلاني جو مقابلو نه پيو ٿئي: حفيظ شيخ

لاهور: سينيٽ چونڊن ۾ منهنجو ۽ يوسف رضا گيلاني جو مقابلو نه ٿي رهيو آهي، پ پ ۽ پي ٽي آءِ آمهون سامهون آهن، وفاقي وزير حفيظ شيخ جي لاهور ۾ پنجاب جي گورنر ۽ وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس، حفيظ شيخ چيو آهي ته چاهيون ٿا ته سينيٽ اليڪشن شفاف نموني ٿئي ۽ اُميدوار آزادي سان پنهنجي اُميدوار کي ووٽ ڏئي سگهن، پنجاب جي گورنر چوڌري سرور چيو آهي ته سڄي دُنيا ۾ اُميدوار ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ چونڊ مهم هلائيندا آهن، هتي به سينيٽ اُميدوارن کي چونڊ مهم هلائڻ ڏني وڃي، پيپلز پارٽي اليڪشن ڪميشن کان حفيظ شيخ ۽ گورنر چوڌري سرور جي گڏيل پريس ڪانفرنس جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پ پ اڳواڻ نيئر بخاري چيو آهي ته حفيظ شيخ جي پنجاب جي گورنر سان گڏ پريس ڪانفرنس سينيٽ چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش آهي، پنجاب جو گورنر چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ عهدي جو ناجائز استعمال ڪري رهيو آهي، اليڪشن اليڪشن نوٽيس وٺي ۽ شفاف چونڊن کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجي ذميواري پوري ڪري……

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔