حليم عادل شيخ سان ڪيس ۾ نامزد سمير شيخ جي عبوري ضمانت منظور

ڪراچي: ملير ۾ حليم عادل شيخ خلاف قتل، پوليس مقابلي ۽ ٻين الزامن تحت داخل ڪيسز ۾ نامزد جوابدارن گرفتاري کان بچڻ لاءِ ڊُڪ ڊوڙ شروع ڪري ڇڏي، پي ٽي آءِ اڳواڻ سمير شيخ پوليس هٿان گرفتار ٿيڻ کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويو، وڪيل معرفت گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست داخل، پي ٽي آءِ اڳواڻ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته حليم عادل شيخ خلاف داخل ڪيس ۾ کيس به جوابدار طور نامزد ڪيو ويو آهي، خدشو آهي ته پوليس کيس گرفتار ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔