دادو ۾ ٻارڙي کي وحشت جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار 6 ڏينهن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي

دادو/نوشهروفيروز: دادو ۾ معصوم ٻارڙي کي وحشت جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار 6 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي، دادو پوليس جوابدار اياز پنهور کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت پوليس جي استدعا تي جوابدار جو جسماني رمانڊ منظو ڪري ورتو، دادو ۾ وومين سيل جي انچارج بينظير جمالي طرفان جوابدار اياز پنهور جي گهرڀاتين جا بيان رڪارڊ، پوليس جوابدار جي والده، ڀينرن ۽ ڀاڄائي جا بيان رڪارڊ ڪري ورتا، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ٻارڙيءَ کي پنهنجي گهر ۾ جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو، واقعي وقت گهر ۾ جوابدار جي رڳو ڀاڄائي موجود هئي، ٻيا ڀاتي گهر کان ٻاهر ويل هئا، جوابدار جي ڀاڄائي کيس نينگريءَ سان زيادتي ڪرڻ کان روڪيو، پر هو نه مڙيو، دادو ۾ معصوم ٻارڙيءَ سان جنسي زيادتي واري واقعي تي سنڌ واسين ۾ ڪاوڙ جي لهر، مختلف شهرن ۾ دادو ۾ معصوم ٻارڙي سان جنسي زيادتي واري واقعي خلاف احتجاجي مظاهرا، ڄامشورو، ڪوٽڙي، دادو، لاڙڪاڻو، نوشهرو فيروز، راڻيپور ۽ ٻين شهرن ۾ مظاهرن دوران جوابدار کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔