جمائما ۽ سجل علي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل

وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي زال جمائما گولڊ اسمٿ ۽ پاڪستاني اداڪاره سجل علي جون انسٽاگرام تي تصويرون وائرل ٿي رهيون آهن.
هي تصويرون جمائمه ڪجهه ڪلاڪ پهريان انسٽاگرام تي شيئر ڪيون آهن جيڪي جمائمه جي پروڊڪشن ۾ ٺهندڙ فلم واٽس لوو گاٽ ٽو ڊوو دي اٽ“ جي سيٽ تي اداڪاره سجل علي ۽ شبانه عظمي سان گڏ ورتيون ويون آهن.
جمائمه جي پوسٽ موجب شيئر ڪيل تصويرون فلم جي شوٽنگ جي آخري ڏينهن جون آهن.
جمائمه پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي خوبصورت سيٽ جون تصويرون به شيئر ڪيون آهن جن کي ڏسي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته فلم ۾ ڪنهن ڏڻ يا شادي جي تقريب جي منظر کي به فلمايو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔