پي ايس ايل ٽڪيٽن جو آن لائن وڪرو شروع

ڪراچي: پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) جي ڇهين ايڊيشن لاءِ ٽڪيٽن جو آن لائن وڪرو شروع ٿي ويو آهي.
پي ايس ايل جي شروع ٿيڻ ۾ باقي ٽي ڏينهن بچيا آهن ۽ ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم کي ميچز لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.
پي سي بي ڪورونا وائرس سبب هن سال 20 سيڪڙو شوقينن کي گرائونڊ ۾ ميچ ڏسڻ جي اجازت ڏني آهي، اسٽيڊيم ۾ 34 هزار ماڻهن لاءِ ويهڻ جي گنجائش آهي پر ڪورونا جي ڪري صرف ساڍا ست هزار ماڻهن کي اجازت هوندي.
شوقين تيزيءَ سان ٽڪيٽن جي بڪنگ ڪرائي رهيا آهن ۽ ٽڪيٽن جو وڪرو آن لائن شروع ٿي ويو آهي، جن ماڻهن وٽ انٽرنيٽ جي سهولت ناهي اهي ٽيلي فون تي به بڪنگ ڪرائي رهيا آهن.
ٽڪيٽن جي قيمت 500 کان 5000 تائين رکي وئي آهي ۽ نيشنل اسٽيڊيم جي انڪلوزر کي چئن حصن ۾ ورهايو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔