ملير ۾ آمراڻو فيصلو مڙهي قيادت پنهنجي منهن تي دانگي ملي: پي ٽي آءِ اڳواڻ

ملير: پي ٽي آءِ سنڌ ۾ اختلاف وڌي ويا، پي ٽي آءِ اڳواڻ قادر بخش ڪلمتي ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ قيادت ۾ حليم عادل شيخ جي سرپرستي آهي، ملير ۾ آمراڻو فيصلو مڙهي پي ٽي آءِ قيادت پنهنجي منهن تي دانگي ملي ڇڏي آهي، حليم عادل شيخ پنهنجي دادلي اميدوار جي ڪري ڪالھه هٿيارن سان گڏ وڏي جدوجهد ڪئي آهي پر تنهنجي هوندي به پي ٽي آءِ جو اميدوار هارائي ويو. حليم عادل شيخ وٽ کير جو دڪان هو جتان هو ڪک مان لک پتي بڻيو ۽ بيواهه عورتن جون وي سيون رکي انهن جا پئسا کڻي کائي فرا ٿي ويو، اڄ مان حليم عادل شيخ کان پڇان ٿو ته اچ ۽ ماڻهن سان کير جي دڪان تي ڪيل ٺڳي جو حساب ڏي ۽ بيواهه عورتن جي وي سي مان جيڪي گهوٻيون ڪيون آهي حساب ڏي، وڏي ڳالھه آھي ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اميدوار اليڪشن ۾ ٻين پوزيشن حاصل ڪئي پر پي ٽي آءِ جو اهڙو ماڻهو بيهاريو جيڪو ٽين پوزيشن به نه کڻي سگهيو، پريس ڪانفرنس دوران قادر بخش ڪلمتي چيو ته حليم عادل شيخ جي ٺڳي ۽ فراڊ سبب ملير جي شريف مقامي ماڻهن جا ٻه فارم هائوس ڪيرايا ويا، پلاٽن تي قبضا حليم عادل شيخ ڪيا آهن ۽ فارم هائوس وري مقامي کاتا رکندڙ ماڻهن جا ڪرايا ويا آهن. حليم عادل شيخ ڪهڙي منهن سان هاڻي کوکرا پار ويندو جتي هو کير جي دڪان تي ماڻهن جا پئسا کائي ويو ۽ بيواهه عورتن جي رکيل وي سي جا پئسا کائي ويو، سينيٽ جي اليڪشن ۾ به سنڌ مان پي ٽي آءِ حليم عادل شيخ جي حڪم تي پيراشوٽر مسلط ڪيا آهن جن جو ڪو به نظريو ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔