وفاقي ڪابينا پاران ٿرپارڪر ۾ ننڍي چونڊ لاءِ رينجرز مقرر ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد: وزيراعظم طرفان سنڌ سوڌو سڄي ملڪ ۾ عورتن ۽ ٻارن سان زيادتي جَي واقعن ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار، وفاقي ڪابينا جي َاجلاس دوران زيب الرٽ بِل جي حوالي سان جاڳرتا مهم هلائڻ تي زور، وفاقي ڪابينا، ٿرپارڪر ۾ ننڍي چونڊ لاءِ رينجرز مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ واڌ واري سمري به منظور ڪئي وئي، وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته ڪوشش آهي ته هر قسم جون چونڊون شفاف ٿين ته جيئن سڀني کي اُنهن تي اعتماد هُجي، چاهيون ٿا ته ايندڙ عام چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ ذريعي ڪرايون وڃن..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔