ننڍي چونڊ: ڪراچي ۽ سانگهڙ ۾ پيپلز پارٽي، پشين ۾ جي يو آءِ ڪاميابي ماڻي ورتي

ڪراچي: سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلي جي 3 سيٽن تي ننڍي چونڊ دوران سانگهڙ ۽ ڪراچي مان پيپلز پارٽي ۽ پشين مان جي يو آءِٰ ڪاميابي ماڻي ورتي.

رپورٽ موجب سنڌ اسيمبلي جي ٻن جڏهن ته بلوچستان اسيمبلي جي هڪ سيٽ تي ضني چونڊ جي لاءِ ووٽنگ جو عمل شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي سان جاري رهيو. اميدوارن طرفان ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنن تي ووٽ جو عمل سست هجڻ جا الزام لڳايا ويا. پر گڏيل طور تي ڪوبه وڏو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو.

پي ايس 88 ملير 2 :

هتان جي سمورين 108 پولنگ اسٽيشنن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب ملير پي ايس 88 مان پيپلز پارٽي جو اميدوار يوسف بلوچ 21 هزار 251 ووٽ کڻي ميدان ماري ورتو. ان جي مقابلي ۾ تحريڪ لبيڪ جي اميدوار ڪاشف علي 6090 ووٽ کڻي ٻئين، تحريڪ انصاف جو اميدوار جان شير جوڻيجو 4 هزار 870 ووٽ کڻي ٽئين ۽ ايم ڪيو ايم جي اميدوار ساجد احمد سڀني کان گهٽ 2635 ووٽ کڻي چوٿين نمبر تي رهيو. ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي جو تڪ پي ايس 88 ملير 2 گلستان جوهر، ايئرپورٽ، سچل، ملير سٽي، ملير ڪينٽ ۽ ميمڻ ڳوٺ سميت ڀرپاسي جي علائقن تي ٻڌل اهي. ان تڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرز جو انگ هڪ لک 45 هزار 627 آهي هي سيٽ پيپلز پارٽي جي غلام مرتضيٰ بلوچ جي فوت ٿي وڃڻ کان پوءِ خالي ٿي هئي. 

پي ايس 43 سانگهڙ:

سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 43 ۾ به پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي وئي. تڪ جي سمورن 132 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن موجب پ پ اميدوار ڄام شبير علي 48 هزار 25 ووٽ حاصل ڪيا.  جڏهن ته  ان جي مقابلي ۾ تحريڪ انصاف جي اميدوار مشتاق جوڻيجو 6 هزار 925 ووٽ حاصل ڪري سگهيو. ان تڪ ۾ ووٽرز جو ٽوٽل انگ هڪ لک 57 هزار 210 آهي اها سيٽ پيپلز پارٽي جي ڄام مدد علي جي لاڏاڻي کان پوءِ خالي ٿي هئي. هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ننڍي چونڊ ۾ پ پ اميدوارن جي ڪاميابي کي عوام جي ڪاميابي قرار ڏنو آهي هن  چونڊ کٽيندڙن کي  به مبارڪباد پيش ڪئي آهي.

پي بي 20 پشين:

هن تڪ ۾ جي يو آءِ جو اميدوار گهڻا ووٽ کڻي پهرين ۽ بي اي پي جو اميدوار عصمت الله ٻئين نمبر تي رهيو. عزيزالله کي عصمت ترين تي 6 هزار ووٽن جي برتري حاصل آهي. ياد رهي ته سال 2018 جي  عام چونڊن ۾ بلوچستان اسيمبلي جي تڪ پي بي 20 پشين 3 مان جي يو آءِ(ف) جو سيد فضل آغا چونڊجيو هئو. پر ان جي لاڏاڻي کان پوءِ اها سيٽ خالي ٿي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔