سينيٽ چونڊون: يوسف رضا تي اعتراض ڪندڙ وڪيل کي دليلن لاءِ ٽين وڳي تائين جي مهلت

اسلام آباد: سينيٽ چونڊن ۾ يوسف گيلاني جي نامزدگي ڪاغذن جي اسڪروٽني، ريٽرننگ آفيسر اعتراض ڪندڙ درخواست ڏيندڙ جي وڪيل کي دليل تيار ڪرڻ لاءِ 3 وڳي تائين جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي. ريٽرننگ آفيسر چيو ته درخواست ڏيندڙ پنهنجا دليل تيار ڪري وٺي جيڪي ڪاغذ چاهين اهي به گهرائي وٺن. اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني التوا نه ڏيڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.

يوسف رضا گيلاني جي وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته تحريڪ انصاف جو اميدوار پاڻ آمريڪي شهري آهي. يوسف رضا گيلاني تحريڪ انصاف جي اميدوار تي اعتراضن جي اجازت نه ڏني آهي. پي ڊي ايم جي اميدوار يوسف رضا گيلاني ٻين اڳواڻن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي چيو ته حڪومتي اميدوار  وٽ دستاويز نه هئا پر اليڪشن وقت ڏئي ڇڏيو جيڪو ناانصافي آهي.

پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو ته منهنجي وڪيل چيو ته حفيظ شيخ جا نامزدگي ڪاغذ چيلنج ڪريون ٿا هو منهنجي اڳوڻي ڪابينه جو حصو آهي. حفيظ شيخ جي خلاف اعتراض داخل نٿا ڪرڻ چاهيون.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اپوزيشن ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن، حڪومت منهنجي خلاف پورو زور لڳائي رهي آهي. هن چيو ته سينيٽ چيئرمين وارين چونڊن ۾ اسان جا 14 ووٽ وڌيڪ هئا پر ان باوجود اسان کي شڪست ملي حڪومت کي اپوزيشن سان ڳالهائڻو پوندو.

سينيٽ چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوار يوسف رضا گيلاني چيو ته مخالف اميدوار وٽ دستاويزارت نه هئا پر انهن کي وقت ڏنو ويو. ٻئي طرف تحريڪ انصاف اميدوار جي وڪيل ريٽرننگ آفيسر کان اعتراضن تي دليل لاءِ وقت گهري ورتو. جڏهن ته يوسف رضا گيلاني جي وڪيل التوا جي مخالفت ڪري ڇڏي.

يوسف رضا گيلاني جي وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته يوسف رضا گيلاني پنهنجي سزا پوري ڪري چڪو آهي ان ڪري هاڻ هو اليڪشن ۾ حصو وٺي سگهي ٿو. هن چيو ته يوسف رضا گيلاني جي نااهلي 2017 ۾ ختم ٿي چڪي آهي. ريٽرننگ آفيسر درخواست ڏيندڙ کي دليلن جي لاءِ 3 بجي تائين جو وقت  ڏئي ڇڏيو.

ان موقعي تي اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن کي تڪراري بنائي ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته آئين ۾ ترميم صرف پارليامينٽ ۾ ئي ٿي سگهي ٿي.

سپريم ڪورٽ يا اليڪشن ڪميشن آئين ۾ ترميم نٿو ڪري سگهي. چور دروازي کان قانونسازي جي مخالفت ڪندا. ووٽ خريد ۽ وڪرو ڪندڙ تحريڪ انصاف جا ماڻهو آهن. هن چيو ته سينيٽ چونڊون ڇا پاڪستان ۾ ته قومي ۽ صوبائي چونڊون به چوري ٿينديون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔