آمريڪي سينيٽ مواخذي جي ڪارروائي رد ڪري ڇڏي، ٽرمپ سزا کان بچي ويو

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سندس خلاف ڪارروائي کي رد ڪرڻ واري سينيٽ جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته هي ٻيهر آمريڪا کي عظيم بڻائڻ جو تاريخي ۽ خوبصورت وقت آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ پاران مواخذي جي ڪارروائي کي رد ڪندي فيصلي کانپوءِ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اڃان ته شروعات ٿي آهي، اسان جي سياسي مهم هاڻ شروع ٿي آهي، ايندڙ وقت ۾ ٻيو به گهڻو ڪجهه ٻڌائڻو آهي.
ڊونلڊٽرمپ مواخذي کي انتقامي ڪارروائي قرار ڏيندي ان جي شديد مذمت ڪندي چيو ته آمريڪي برتري جي حاصلات لاءِ گڏجي پنهنجو ناقابل يقين سفر جاري رکڻ جي انتظار ۾ آهيان.
ياد رهي ته آمريڪي سينيٽ اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مواخذي جي ڪارروئي عددي برتري پوري نه هجڻ ڪري رد ڪندي کيس ڪيپيٽل هل جي عمارت تي حملي جي الزام مان آزاد ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔