سنڌ جي نجي ڊينٽل ڪاليجز ۾ داخلا لاءِ 740 مان فقط 40 شاگرد ٽيسٽ پاس ڪري سگهيا

لاڙڪاڻو: سنڌ جي نجي ڊينٽل ڪاليجز ۾ داخلا لاءِ 7 سئو 40 مان فقط 40 شاگرد ٽيسٽ پاس ڪري سگهيا، آهن، جنهن کان پوءِ نجي ڪاليجز بند ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، ڊينٽل ڪاليجرز جي تنظيم خط لکي وڏي وزير کان مداخلت ڪري داخلا جي تاريخ ۾ واڌ ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي. ايسوسئيشن آف پرائيويٽ ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليجز سنڌ چئپٽر جي صدر پروفيسر رضي محمد وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي خط لکي چيو آهي ته پي ايم سي جي پاليسين سبب سنڌ جا اڪثر شاگرد ڊينٽل ڪاليجز ۾ داخلائن کان رهجي ويا آهن. وڏي وزير کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته پي ايم سي ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجز ۾ داخلائن لاءِ اميدوارن وٽ 60 سيڪڙو مارڪون هجڻ جو شرط لاڳو ڪيو آهي. پي ايم سي جي سخت شرطن سبب سنڌ جي ڪاليجز جي 740 سيٽن لاءِ فقط 40 اميدوار ٽيسٽ پاس ڪري سگهيا، جڏهن ته داخلا جي آخري تاريخ ۾ به فقط 3 ڏينهن رهجي ويا آهن، جنهن ڪري صوبي جا 12 نجي ڊينٽل ڪاليجز هلائي نه ٿا سگهجن. خط ۾ وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو پي ايم سي سان رابطو ڪري مارڪن واري شرط 40 سيڪڙو تائين محدود ڪرائي ۽ داخلا جي تاريخ ۾ واڌ ڪرائي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔