وزارتي ڪميٽي پاران سينيٽ چونڊن بابت وڊيو جاري ڪندڙ صحافي کي گهرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد: ويڊيو اسڪينڊل جي جاچ ڪندڙ وزارتي ڪميٽي ميڊيا ۾ ويڊيو ظاهر ڪندڙ صحافي کي ايندڙ اجلاس ۾ گهرائڻ سميت هر سطح تي جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ ٿيل پهرين اجلاس ۾ چيو ويو ته ڪميٽي انهن ماڻهن کان به معلومات وٺندي، جيڪي واقعي بابت ڄاڻ رکن ٿا. اسلام آباد ۾ انساني حقن واري وزارت ۾ ڪميٽي جو پهريون اجلاس ڪندي ووٽن جي خريدار ۽ جمهوريت کي نقصان پهچائڻ جي عمل جو جائزو ورتو ويو. ڪميٽي ان ڳالهه جي کوج لڳائيندي ته ووٽن جي خريداري مان ڪنهن کي فائدو پهتو ۽ رقم ڪنهن فراهم ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري، شيرين مزاري ۽ شهزاد اڪبر شرڪت ڪئي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔