صدر عارف علوي سان گورنر عمران اسماعيل جي ملاقات، چين مان گهرايل فائر ٽينڊرز تي بريفنگ

ڪراچي: صدر عارف علوي سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ملاقات ڪري ڪراچي لاءِ چائنه مان گهرايل فائر ٽينڊرز بابت بريفنگ ڏني، گورنر عمران اسماعيل چيو ته هڪ ڏهائي 4 ارب رپين جي لاڳت سان گهرايل 50 فائر ٽينڊرز ۽ 2 بائوزر وزيراعظم ڪي ايم سي حوالي ڪندو. صدر عارف علوي گورنر هائوس پهتو، جتي گونر عمران اسمعايل کيس ڪراچي لاءِ چائنا مان گهرايل فائر ٽنيڊرز بابت بريفنگ ڏني. گورنر عمران اسماعيل چيو ته چائنا مان گهرايل 50 فائر ٽينڊرز ۽ 2 بائوزر ڪي ايم سي حوالي ڪيا ويندا، وزيراعظم عمران خان پاڻ ڪراچي پهچي فائر ٽينڊرز ڪي ايم سي حوالي ڪندو. گورنر چيو ته جيڪڏهن وزيراعظم مصورفيتن سب نه آيو ته به فائر ٽينڊرز ڪي ايم سي حوالي ڪيا ويندا. واضح رهي ته چائنا مان گهرايل فائر ٽينڊرز ٻن مهينن کان ڪي ايم سي حوالي نه ڪيا ويا آهن….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔