متحده باني جي چڙ ڏياريندڙ تقرير ۽ ميڊيا هائوسز تي حملي ڪيس جي شاهد پاران جوابدارن جي سڃاڻپ

ڪراچي: متحده باني جي چڙڏيارڻ ۽ ميڊيا هائوسز تي حملي ۽ ڀڃ ڊاهه واري ڪيس جي شاهد پوليس انسپڪيٽر علي رضا متحده اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار ، عامر خان ۽ ٻين جوابدارن جي سڃاڻپ ڪري ورتي آهي، شاهد عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته متحده باني جي چڙ ڏيارڻ واري تقرير دوران فاروق ستار چيو ته حڪم جي تعميل ٿيندي، جنهن کانپوءِ مڇريل ڪارڪنن ميڊيا تي حملا ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي. ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت متهده باني جي چڙ ڏياريندڙ تقرير ، ميڊيا هائوسز تي حملي ۽ ڀڃ ڊاهه واري ڪيس جي ٻڌني ڪئي. ڪيس جي شاهد پوليس انسپڪيٽر علي رضا عدالت ۾ سڃاڻپ پريڊ دوران ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار، عامر خان ۽ بين جوابدارن جي سڃاڻپ ڪئي.ڍ شاهد چيو ته متحده باني جي چڙ ڏياريندڙ تقرير دوران فاروق ستار، عامر خان ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا، فاروق ستار متحده باني کي چيو ته توهان جي حڪم جي تعميل ٿيندي، جنهن بعد ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ميڊيا هائوسز تي حملا ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي. شاهد جي اهري بيان بعد عدالت جوابدارن جي وڪيل کي شاهد کان جرح ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي …..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔