هارس ٽريڊنگ کي روڪڻ لاءِ قانون سازي ٿيڻ گهرجي: فرحت الله بابر

پشاور: پ پ اڳواڻ فرحت الله بابر سينيٽ جا نامزدگي جا فارم ڀرڻ آيو ته سندس في جا پئسا کٽي پيا، پ پ اڳواڻن چندو ڪري کيس پئسا پورا ڪري ڏنا،ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ چيو ته هارس ٽريڊنگ کي روڪڻ لاءِ قانون سازي ٿيڻ گهرجي، اوپن بيليٽ ترميمن لاءِ تيار آهيون، پر حڪومت پورو آئيني پئڪيج آڻي. پشاور ۾ نامزدگي جا ڪاغذ جمع ڪرائڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فرحت الله بابر چيو ته حڪومت سينيٽ چيئرمين جي خلاف بي اعتمادي واري رٿ دوران اوپن بيليٽ جي ڳالهه ڇو نه ڪئي؟. هن چيو ته اسان اوپن بيليٽ قانون جي ڪنهن به صورت ۾ حمايت نه ڪنداسين،حڪومت جي اوپن بيلٽينگ قانون جي ڳالهه بدنيتي تي ٻڌل آهي.. ان کان اڳ پ پ جي سينيٽ جي اميدوار فرحت الله بابر وٽ اليڪشن جي فيس گهٽ نڪتي، اليڪشن فيس 40 آهي،جڏهن فرحت الله بابر وٽ 32 هزار رپيا هئا. فرحت الله بابر پ پ ميمبرن کان چندو ورتو، سڀني کان وڌيڪ چندو پ پ جي صوبائي صدر همايون خان ڏنو، جڏهن ته پ پ جي ياور نصير چندي ۾ 50 رپيا جمع ڪرايا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔