پئسي نه پر واسطن جي بنياد تي اليڪشن وڙهندا آهيون: يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد: اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني اسلام آباد مان سينيٽ ۾ نامزدگي جا فارم جمع ڪرائي ڇڏيا،هن جي ڪاغذن جي تصديق ۽ تائيد شاهد خاقان عباسي ۽ راجا پرويز اشرف ڪري ڇڏي، يوسف رضا گيلاني پي ڊي ايم پاران سينيٽ ۾ چيئرمين جو گڏيل اميدوار هوندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني چيو ته پئسي جي بنياد تي نه پر واسطن جي بنياد تي اليڪشن وڙهندا آهيون. گيلاني چيو ته خبر ناهي ته منهنجو مخالف اميدوار ڪهڙو آهي،سينيٽ چونڊن بابت آرڊيننس خدشن کي جنم ڏنو. هڪ سوال تي پ پ اڳواڻ چيو ته منهنجي خلاف نيب ڪيسز جو فيصلو نه آيو آهي،ڪيسن هوندي قومي اسيمبلي جي چونڊ وڙهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔