سنڌ حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو، توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته ظالم نظام کان نجات ضروري آهي،تباهي سرڪاري مهانگائي جا سمورا رڪارڊ ٽوري ڇڏيا آهن، صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته عمران خان ظالم وزيراعظم آهي، جنهن کي عوام جو ڪو به فڪر ناهي، نااهل حڪومت 28 مهينن دوران 21 ڀيرا بجلي مهانگي ڪري عوام جي کيسن تي ڌاڙو هنيو آهي. تونائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي مذمت ڪندي چيو ته هي تبديلي نه پر تباهي سرڪار آهي، جنهن کان نجات ضروري آهي. امتياز شيخ چيو ته نيازي سرڪار پنهنجي اي ٽي ايمز کي نوازش لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي. اسماعيل راهو چيو ته عمران خان چوندو هو ته جڏهن بجلي ۽ پيٽرول مهانگو ٿئي ته سمجهو ته وزيراعظم چور آهي ، هاڻي ته بجلي، گيس، پيٽرول سميت هر شئي مهانگي آهي. اسماعيل راهو چيو ته حڪومت بجلي مهانگي ڪري عوام تي 2 سئو ارب رپين جو بم ڪيرايو آهي . اسماعيل راهو چيو ته عمران خان ظالم وزيراعظم آهي، جنهن کي عوام جو ڪو به فڪر ناهي …

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔