صدارتي ريفرنس پارليامينٽ جا حق ڦٻائڻ جي ڪوشش آهي: شيري رحمان

ڪراچي: سنڌ ۾ سينيٽ چونڊن لاءِ پيپلزپارٽي جي اميدوارن وڏي وزير مراد علي شاهه سان گڏ اليڪشن ڪميشن آفيس پهچي نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا، شيري رحمان چيو آهي ته سينيٽ چونڊن بابت جاري ڪيل صدارتي ريفرنس پارليامينٽ جا حق ڦٻائڻ جي ڪوشش آهي، ايوان صدر کي آرڊيننس فيڪٽري بڻايو ويو آهي، حڪومت کي سينيٽ چونڊن ۾ ان وقت شفافيت ڇو ياد نه آئي جڏهن چيئرمين جي بي اعتمادي رٿ دوران 14 گهوڙا ڊوڙايا ويا. پيپلز پارٽي جي سينيٽ چونڊ جي اميدوارن فاروق ايڇ نائڪ، شيري رحمان، سليم مانڊوي والا، پلوشه خان، ڄام مهتاب ڏهر، ڊاڪٽر ڪريم خواجه ، سعديه جاويد ۽ ٻين نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا. وڏو وزير مراد علي شاهه پيپلز پارٽي جي اميدوارن سان گڏ اليڪشن ڪميشن آفيس پهتو. نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شيري رحمان چيو ته سينيٽ چونڊن بابت جاري ڪيل صدارتي ريفرنس پارليامينٽ جا حق ڦٻائڻ جي ڪوشش آهي، ايوان صدر کي آرڊيننس فيڪٽري بڻايو ويو آهي. شيري رحمان چيو ته ، حڪومت کي سينيٽ چونڊن ۾ ان وقت شفافيت ڇو ياد نه آئي جڏهن چيئرمين جي بي اعتمادي رٿ دوران 14 گهوڙا ڊوڙايا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔