ڊبليو ايڇ او پاران بزرگ ماڻهن کي به آڪسفورڊ ويڪسين ڏيڻ جي سفارش

جنيوا: صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن کي آڪسفورڊ ويڪسين ڏيڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ويڪسين ڏکڻ آفريقا ۾ ڪورونا وائرس جي نئين قسم جي خلاف به ڪارائتي آهي ۽ هي ويڪسين بيماري ۽ موت کان به بچائيندي آهي. ان کان اڳ جرمني ۾ به دعويٰ ڪئي وئي هئي ته هي ويڪسين 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن ۾ صرف 6 سيڪڙو فائديمند آهي پر بعد ۾ ان کي غلط قرار ڏنو ويو.صحت جي عالمي اداري طرفان چيو ويو آهي ته ويڪسين ڪنهن به عمر جي ماڻهو کي لڳائي سگهجي ٿي ۽ هي سڀني جي لاءِ فائديمند آهي جڏهن ته ويڪسين جو بنيادي مقصد ماڻهن کي اسپتال ۾ موڪلڻ ۽ فوتگين کان روڪڻ آهي. ان حوالي سان برطانوي وزيراعظم چيو آهي ته فائزر ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ويڪسين جي صرف هڪ خوراڪ سان بيماري جو خطرو 65 سيڪڙو گهٽ ٿي ويندو آهي.ويڪسين پوڙهن ماڻهن ۾ به اوتري فائديمند آهي جيتري نوجوانن جي لاءِ فائديمند آهي. برطانيه هينئر تائين هڪ ڪروڙ 30 لک ماڻهن کي ويڪسين ڏئي چڪو آهي. واضح رهي ته جرمني، فرانس، ڊينمارڪ سميت ڪيترن ئي يورپي ملڪن وڏي عمر جي ماڻهن کي ويڪسين ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔