ٽرمپ لاءِ ٽوئٽر جا دروازا هميشه لاءِ بند، اڳوڻي صدر کي ڪمپني جو سخت پيغام

واشنگٽن: ٽوئٽر اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم جا دروازا هميشه جي لاءِ بند ڪري ڇڏيا آهن.ٽوئٽر طرفان ٽرمپ کي واضح ۽ سخت پيغام ڏنو ويو آهي ته اڳوڻو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جيڪڏهن ٻيهر به صدر چونڊجي ويو ته کيس ٽوئٽر استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ٻئي طرف اڳوڻي صدر ٽرمپ جي خلاف سينيٽ ۾ مواخذي واري ڪارروائي جي ٻئي ڏينهن ايوان جي ميمبرن دليل ڏنا. ٽرمپ جي مواخذي ۾ چونڊ نتيجا نه مڃڻ حامين کي تشدد تي ڀڙڪائڻ جا بيان ۽ نئين وڊيو پيش ڪئي وئي.واضح رهي ته آمريڪي پارليامينٽ ڪيپيٽل بل تي ٽرمپ جي حامين جي حملي وقت اڳوڻي آمريڪي صدر تشدد جي حوصله افزائي ڪئي هئي جنهن تي ٽوئٽر ۽ فيس بڪ سميت ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ان تي پابندي لاڳو ڪندي ان جا اڪائونٽس معطل ڪري ڇڏيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔