سنڌ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 14 ڄڻا فوت ، 538 نوان ڪيسز سامهون آيا

ڪراچي : سنڌ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 14 ڄڻا فوت ٿي ويا، 538 نوان ڪيسز سامهون آيا آهن، مجموعي طور تي فوتي ٿيلن جو انگ وڌي 4 هزار 171 ٿي ويو آهي.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا بابت انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته اڄ وڌيڪ 623 مريض ٺيڪ ٿي ڪري گهرن ڏانهن هليا ويا، هيلهه تائين صحتياب ٿيلن جو مجموعي تعداد 229215 ٿي ويو آهي. وڏي وزيرموجب ڪراچي ۾ 256 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، حيدرآباد ۾ 54، ميرپورخاص ۾ 31، ٺٽي ۾ 25 ۽ شهيد بينظير آباد مان 22 ڪيسز سامهون آيا آهن، وڏي وزيرچيو آهي ته دادو ۾ 20، بدين، مٽياري، ٽنڊو الهيار ۽ جيڪب آباد ۾ 11، 11 ڪيس سامهون آيا، جڏهن ته ڄامشورو ۽ لاڙڪاڻي ۾ 9، 9 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. وڏي وزير موجب ملير ۾ 7، سجاول 5، عمر ڪوٽ 4، خيرپور ۽ شڪارپور 3، 3 نوشهروفيروز 2، گهوٽڪي ۽ سکر مان هڪ ه ڪ ڪيس سامهون آهيو آهي…….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔