اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هنگامي جي ڪيس ۾ گرفتار وڪيلن کي جيل حوالي ڪري ڇڏيو

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هنگامي جي ڪيس ۾ گرفتار وڪيلن کي جيل حوالي ڪري ڇڏيو،  اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت گرفتار وڪيلن کي جڊيشل رمانڊ تي جيل منتقل ڪري ڇڏيو آهي، پوليس ظفر علي وڙائچ، نويد ملڪ، شيخ شعيب ۽ نازيا بيبي سوڌو ٻين گرفتار وڪيلن کي عدالت آڏو پيش ڪيو، وڪيلن کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيلن جي احتجاج دوران هنگاما ڪرڻ جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هنگامي کانپوءِ سمورين ماتحت عدالتن ٻاهران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا ۽ چيف جسٽس بلاڪ ٻاهران پوليس ۽ رينجرز اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔