ڪراچي ۾ دهشتگردي جي وڏي سازش ناڪام، خودڪش جيڪٽ ۽ بارود سان ڀريل رڪشا هٿ

ڪراچي: ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو جڏهن ته 5 کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته دهشتگردن وٽان خودڪش جيڪٽس ۽ بارود سان ڀريل رڪشو مليو آهي.

رپورٽ موجب ڪراچي ۾ ڳجهن ادارن طرفان شاهه لطيف ٽائون ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي عمر شاهد جي سربراهي ۾ پوليس پارٽي سومر جي ڏينهن صبح جو سوير هڪ گهر کي گهيري ورتو. جوابدارن پوليس کي ڏسندي ئي انڌاڌنڌ فائرنگ ۽ دستي بمن سان حملو ڪيو جنهن تي پوليس به مورچه بند ٿي جوابي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ شروعاتي طور تي هڪ دهشٽگرد مارجي ويو جڏهن ته 5 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو. ڪارروائي کان پوءِ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي انسپيڪٽر ڪاشف پنهنجي ٽيم سان گڏ موقعي تي پهچي ويو ۽ خودڪش جيڪٽ ۽ ڊينونيٽر ۽ ٻئي  بارودي مواد کي ڊيفيوز ڪيو جڏهن ته دهشتگردن جي ٺڪاڻي جي مڪمل سرچنگ ڪئي وئي.

ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي عمر شاهد صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته دهشتگردن جي ٺڪاڻي مان 2 راڪيٽ، 2 بلاڪ بم، 4 خودڪش جيڪٽس، 15 دستي بم، 4 ڪلاشنڪوف، ڊيٽونيٽر ۽ بارود سان تيار سي اين جي رڪشا هٿ آيو آهي. رڪشا جي سيٽ جي هيٺيان بال بيرنگ ۽ نٽ، بولٽ رکيا ويا هئا. هٿ ڪيل هٿيارن جي فرانزڪ جاچ ڪرائي ويندي.

ڊي آءِ جي وڌيڪ چيو ته ٻه هفتا اڳ شهر ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي باري ۾ هڪ هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو هو جنهن ۾ بڌايو ويو هو ته دهشتگرد بارود سان ڀريل گاڏي ذريعي وڏي ڪارروائي ڪري سگهن ٿا. گرفتار دهشتگرد اهي ئي آهن جنهن جي باري ۾ الرٽ جاري ڪيو ويو هو.

گرفتار ۽ مارجي ويل جوابدارن جي سڃاڻپ جي حوالي سان بعد ۾ ميڊيا کي آگاهه ڪيو ويندو. مارجي ويل دهشتگرد جي لاش ڇيپا ايمبولينس جي ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪئي وئي جتي پوليس ڪارروائي کان پوءِ ڇيپا مرده خاني منتقل ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔