اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيلن جا چيمبر ڊاهڻ خلاف وڪيل برادري پاران احتجاج

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيلن جا چيمبر ڊاهڻ خلاف وڪيل برادري پاران احتجاج ڪيو ويو، هنگامي دوران وڪيل نعريبازي ڪندا چيف جسٽس جَي بلاڪ ۾ داخل ٿي ويا، مڇريل وڪيلن بلاڪ جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا، وڪيل احتجاج ۽ ڀڃ ڊاهه جِي وڊيو رڪارڊ ڪرڻ تي صحافين سان به وڙهي پيا، هنگامي بعد هاءِ ڪورٽ ويندڙ رستا سيل، پوليس جِي اضافي نفري طلب، چيف جسٽس محسن اختر ڪياني وڪيلن کي بار روم ۾ ويهي ڳالهيون ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي، جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ڳالهيون ڪرڻ کانسواءِ مسئلو حل نه ٿيندو، وڪيلن کي لڳي ٿو ساڻن زيادتي ٿي آهي ته اسان کي ٻڌائين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔