سنڌ ۾ لکين ٻارڙا اسڪول کان ٻاهر آهن، ٻڌايو وڃي ته انهن جي تعليم لاءِ ڪهڙا قدم کنيا پيا وڃن: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي : سنڌ ۾ لکين ٻارڙا اسڪولز کان ٻاهر آهن، ٻڌايو وڃي ته اهڙن ٻارن جي تعليم لاءِ ڪهڙا قدم کنيا پيا وڃن، سنڌ هاءِ ڪورٽ اسڪولن ۾ سهولتن ۽ حاضري بابت سيڪريٽري تعليم کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي، ٻڌڻي دوران سيڪريٽري تعليم ۽ ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪولز طرفان رپورٽ پيش، عدالت سيڪريٽري تعليم کان پڇيو ته لاڙڪاڻو ۾ 360 اسڪولز بند پيل آهن، ٻڌايو ته اُنهن جو ڇا ٿيو؟ هر پاڙي ۾ ٻارڙا اسڪول دوران راند روند ڪندا آهن، عدالت حڪم ڏنو آهي ته رپورٽ ۾ ٻڌايو وڃي ته ايندڙ سال ڪيترا نوان اسڪولز قائم ڪيا ويندا ۽ ڪيترن ٻارن کي داخلائون ملنديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔