شوبز ۾ اچڻ تي پيءُ ۽ ڀاءُ ڪيترائي سال ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو هو: صدف ڪنول

ڪراچي: ماڊل ۽ اداڪاره صدف ڪنول چيو آهي ته مون ماڊلنگ شروع ڪئي ته پيءُ 2 سالن تائين مون سان ڳالهيون نه ڪيون جڏهن ته ڀاءُ به ڪيترائي سال مون سان نه ڳالهايو.پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ صدف ڪنول ٻڌايو ته منهنجو تعلق بالاڪوٽ سان آهي پر تعليم ڪراچي ۾ حاصل ڪئي. ماڊلنگ شروع ڪئي ته والد 2 سالن تائين مون سان ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڀاءُ به ڪيترائي سال مون سان نه ڳالهايو پر والده منهنجي مرضي تي ڇڏي ڏنو. شوبز انڊسٽري ۾ مطلبي ماڻهو وڌيڪ آهن. ان ميدان ۾ دوست تمام گهڻا آهن پر جيڪي غير موجودگي ۾ اسان جي برائي نه ڪري اهو صرف خاندان ئي هوندو آهي ڇو ته ان سان اوهان جو ڪهڙو به تعلق هجي هو اسان جو خيال رکندا آهن.عورتن جي تعليم جي حوالي سان صدف ڪنول چيو ته هڪ عورت جي لاءِ تعليم تمام گهڻي ضروري آهي. ڪڏهن ڪڏهن احساس ٿيندو آهي ته تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ شوبز ۾ انٽري ڪريان ها. پر شايد نصيب ۾ اهوئي لکيل هو. خاندان ۾ به ٻارڙين کي به اهو مشورو ڏيندي آهيان ته پهريان تعليم مڪمل ڪريو پوءِ اوهان جي مرضي جيڪو ڪريو.فلمن ۾ اداڪاري جي حوالي سان صدف ڪنول چيوته فلمن جو ڪم ڪرڻ آسان ناهي. وڏي اسڪرين تي اچڻ جي لاءِ سکڻو پوندو آهي. ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ سان اداڪاري سٺي طريقي سان سکي سگهجي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔