پنڊي ٽيسٽ: پاڪستان ڏکڻ آفريقا کي کٽڻ لاءِ ٽي سئو ستر رنسن جو حدف ڏئي ڇڏيو

راولپنڊي: راولپنڊي ٽيسٽ جي ٻئين اننگز ۾ محمد رضوان جي شاندار سينچري جي بدولت پاڪستان ڏکڻ آفريقا کي کٽڻ جي لاءِ 370 رنسن جو حدف ڏئي ڇڏيو آهي.رپورٽ موجب راولپنڊي ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن پاڪستان پنهنجي ٻئي اننگز 129 رنسون 6 رانديگر آئوٽ تي شروع ڪيو ته محمد رضوان 28 ۽ حسن علي ٻُڙي سان وڪيٽ تي موجود هو. حسن علي 5 رنسون ٺاهي مهاراج جو شڪار ٿي ويو. جڏهن ته ياسر شاهه 23 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو.ٻئي طرف محمد رضوان پنهنجو ۽ ٽيم جو اسڪور اڳيان وڌائيندور هيو ۽ هن پنهنجي ففٽي مڪمل ڪئي. نعمان علي به سٺي بيٺنگ جو مظاهرو ڪندي 6 چوڪن ۽ 2 ڇڪن جي مدد سان 45 رنسون ٺاهيون جڏهن ته محمد رضوان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي پهرين سينچري 185 بالن تي 12 چوڪن جي مدد سان مڪمل ڪئي.شاهين شاهه آفريدي 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. جڏهن ته محمد رضوان 115 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو ۽ اهو پاڪستان طرفان 2014 کان پوءِ سينچري ٺاهيندڙ پهريون وڪيٽ ڪيپر بڻجي ويو. ڏکڻ آفريقا طرفان جارج لنڊي 5 ۽ مهاراج 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. 2 وڪيٽون ڪگيسوربادا جي حصي ۾ آيون.ياد رهي ته پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز ۾ 272 رنسون ٺاهيون هيون جنهن جي جواب ۾ ڏکڻ آفريقا جي ٽيم 201 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔